ڪراچي / اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز??ار??ي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قا??د عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي طا??ت جي علامت هو، ان جو نظريو، جدوجهد ۽ قرباني لازوال آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل پيغام موجب قا??د عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 95 هين ولادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڀٽو هڪ نظريو ??هي?? جنهن کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪندڙ تاريخ ۾ بي نام ۽ نشان خاڪ بڻجي ويا، جڏهن ته ڀٽو جو نالو اڄ به پاڪستان جي گهٽين چوڪن سميت دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ گونجي ٿو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قا??داعظم محمد علي جناح کانپوءِ قا??د عوام قوم جو مقبول ترين ليڊر هو، جنهن پنهنجي خلوص، تدبر ۽ محنت جي ذريعي ملڪ کي سياسي، معاشي ۽ معاشرتي لحاظ سان اڳتي وڌايو. هن چيو ته شهيد ڀٽو عوام کي سياسي شعور ڏنو ۽ بااختيار بڻايو، ملڪ کي پهريون متفقه آئين ۽ ائٽمي پروگرام ڏنو، پاڪستان کي اسلامي دنيا جو مرڪز بڻايو ۽ پاڪ – چين لاڳاپن جو بنياد رکيو. هن چيو ته پاڪ – چين لاڳاپن کي هڪ اڻٽٽ دوستي ۾ تبديل ڪرڻ به چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو جي سُڃاڻپ آهي. پيپلز??ار??ي جي چيئرمين چيو ته قا??د عوام بطور ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم پاڪستان ۾ مزدورن کي ٽريڊ يونينز جوڙڻ جو حق ڏنو ۽ مزدور دشمن پاليسين جو خاتمو ڪيو. زر??ي سڌارا ڪري بي زمين هارين کي زمينون ڏنيون ۽ غريبن کي گهرن جو مالڪ بڻايو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قا??د عوام جي نظريي کي فروغ ۽ ان جي مشن کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جي لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سڄي زندگي جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي حياتي تائين جي پرواهه نه ڪئي. هن ان عزم کي ورجايو ته هو پنهنجي ??ار??ي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نظريي ۽ مشن جي روشني ۾ 1973ع جي آئين جي حفاظت، جمهوريت کي مضبوط، رواداري ۽ برابري کي فروغ ۽ پاڪستان کي اسلامي دنيا جو رول ماڊل ترقي يافته ملڪ بڻائڻ جي جدوجهد کي منزل تي پهچائي ئي سک جو ساهه کڻندو.