اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ٿي. گڏيل عرب امارات جي صدر 2 بلين آمريڪي ڊالر جي موجوده قرض کي رول اوور ڪرڻ ۽ هڪ بلين آمريڪي ڊالر اضافي قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مسلسل اڳڀرائي تي اط??ينان جو اظهار ڪندي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ هر سطح تي ٻطرفي مٽاسٽا ۽ باقاعده ڳال??ه ٻولهه جي اهميت تي اتفاق ڪيو. اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت به ڏن??، جنهن تي هن رضامندي ظاهر ڪئي، دوري جي تاريخن جو فيصلو سفارتي ذريعي ڪيو ويندو.