اسلام آباد– 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي وطن جي لاءِ قرباني ۽ حب الوطني جي جذ??ي کي ساراهيندي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج ??قي??ت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنجگور حملي جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفون تي رابطو ڪري انهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ محمد يونس خان ۽ لانس نائيڪ فريد الله خان جي پونيئرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن لانس نائيڪ عبدالرزاق ۽ سپاهي اسد علي جي وارثن سان پڻ فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن کي انهن جي خدمتن تي خراج ??قي??ت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي وطن جي لاءِ قرباني ۽ حب الوطني جي جذ??ي کي ساراهيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ قوم جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي انهن کي سلام ??قي??ت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي صبر جميل جي لاءِ دعا ڪئي.