اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ??ه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيو جمع ڪ??ائ?? جي ملڪ گير مهم هلائڻ جي هدايت ڪندي عوام جي سمورن طبقن کي اپيل ڪ??ي آهي ته اهي ترڪ??ه جي مصيبت سٽيل ڀينرن ڀائرن جي لاءِ دل کولي عطيو ڏين، اسان کي عطيي سان پنهنجي ترڪ??ه جي عوام کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته اسان انهن سان گڏ آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪندي چيو آهي ته تعليم، مذهبي معاملن، ناڻي، واپار ۽ معاشي معاملن واري وزيرن، صوبائي حڪومتن کي عطيو گڏ ڪرڻ جي مهم ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. وزيراعظم چيو ته صنعت ۽ واپار وارا ايوان، ڪاروباري برادري، سرنديءَ وارن ماڻهن، عالم سڳورن، تعليمي ادارن سميت معاشري جي سمورن طبقن کي مهم ۾ شامل ڪيو ويندو. هن تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وف??قي وزير راڻا تنوير حسين کي تعليمي ادارن ۾ عطيو گڏ ڪرڻ جي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ترڪ??ه جي زلزلي متاثرين جي مدد جي اپيل تحت مهم هلائي وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي تعليم وارو وف??قي وزير اڄ جمعي کان مختلف تعليمي ادارن جو دورو ڪندو. تعليم واري وف??قي وزير راڻا تنوير حسين وزيراعظم پاران شاگردن کي عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪندو. تعليمي ادارن ۾ ترڪ??ه جي عوام لاءِ خصوصي ڪئمپ هنيا ويندا. گڏ ٿيندڙ عطيو ترڪ??ه جي عوام جي مدد لاءِ استعمال ٿيندو. مذهبي معاملن وارو وف??قي وزير مذهبي طبقن ۽ عالم سڳورن سان رابطو ڪندو. ترڪ??ه جي عوام جي مدد لاءِ عوامي راءِ هموار ڪندو. وزيراعظم عوام جي سمورن طبقن کي اپيل ڪ??ي آهي ته اهي ترڪ??ه جي مصيبت سٽيل ڀينرن ڀائرن جي لاءِ دل کولي عطيو ڏين. اسان کي عطيي سان پنهنجي ترڪ??ه جي عوام کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته اسان انهن سان گڏ آهيون.