اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2023ع ۽ قومي ڪلين ايئر پاليسي جي باضابطا منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا نيب ترميمي آرڊيننس 2023ع جي پڻ منظوري ڏني جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پاڪستاني حاجين جي سفر ۽ حج دوران هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ اعليٰ عملدار سعودي عرب عملدارن جي تعاون سان موثر ۽ ٺوس حڪمت عملي جلد کان جلد مڪمل ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قومي ڪلين ايئر پاليسي جي جوڙجڪ تي ماحولياتي تبد??لي واري وزارت ساراهه جوڳي آهي، ڪلين ايئر پاليسي تي موثر عملدرآمد جي ل??ءِ ضروري قدم کنيا وڃن. وفاقي ڪابينا ماحولياتي تبد??لي واري وزارت جي سفارش تي نيشنل ڪلين ايئر پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم چيو ته قومي ڪلين ايئر پاليسي جي جوڙجڪ تي ماحولياتي واري وزارت ساراهه جوڳي آهي، ڪلين ايئر پاليسي تي موثر عملدرآمد جي ل??ءِ ضروري قدم کنيا وڃن. وفاقي ڪابينا ماحولياتي تبد??لي واري وزارت پاران نيشنل ڪلين ايئر پاليسي منظوري جي ل??ءِ پيش ڪئي وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ گذريل سالن ۾فضائي آلودگي ۾ چڱو خاصو اضافو ٿيو آهي. ايئر ڪوالٽي انڊيڪس رپورٽ 23 – 2022ع موجب ڪراچي ۽ لاهور پاڪستان ۾ هوا ۾ موجود آلودگي جي ل??اظ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر شهر آهن. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ فضائي آلودگي جي ڪري انساني عمر جي سراسري حد ۾ 2.7 سالن جي گهٽتائي ٿي. عالمي بئنڪ جي 2016ع جي رپورٽ موجب پاڪستان جي معيشت کي فضائي آلودگي جي ڪري ڪافي ساليانو نقصان کڻڻو پوي ٿو. تازن سالن ۾ شهرن ۾ سموگ سان حادثن ۽ مختلف بيمارين جي انگ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. ان حو??لي سان موسمياتي بد??لي واري وزارت شهرين جي صحت جي حفاظت، سالياني فوتگين ۾ گهٽٽائي، زراعت ۽ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ هوا جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي حو??لي سان هڪ ٺوس پاليسي جوڙي. پاليسي ۾ تجويز ڪيو ويو آهي ته ٻارڻ جي معيار کي يورو 5 کان يورو 6، صنعتن جي اخراج جي ل??ءِ سخت قانونن، زراعت ۾ جدت ۽ فصلن جي گند ڪچري کي ساڙڻ جو موثر تدارڪ، ڪچري کي تلف ڪرڻ جي عالمي سطح تي ل??ڳو طريقيڪار ۽ کاڌي پچائڻ ۾ گهٽ گئسن جي اخراج واري طريقيڪار جي پذيرائي ڪئي ويندي. پاليسي جي ل??ڳو ٿيڻ سان ايندڙ 10 سالن ۾ زهر??لي گئسن جي اخراج ۾ سراسري 40 سيڪڙو گهٽتائي ايندي. پاليسي جي موثر ۽ يقيني ل??ڳو ڪرڻ جي ل??ءِ هڪ نيشنل ايڪشن ڪميٽي جڏهن ته هڪ ٽيڪنيڪل ڪميٽي ٺاهي ويندي. نيشنل ايڪشن ڪميٽي نه رڳو ان حو??لي سان ڏورس پاليسي رهنمائي فراهم ڪندي پر 5 سالن کانپوءِ پاليسي ۾ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ان ۾ ضروري تبديليون ڪندي. ٽيڪنيڪل ڪميٽي پاليسي جي ل??ڳو ڪرڻجي حڪمت عملي ٺاهي ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي ۽ نيشنل ايڪشن ڪميٽي کي ان تي رپورٽ ڪندي. ان ٽيڪنيڪل ڪميٽي پاليسي جي ل??ڳو ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جون تجويزون پڻ پيش ڪندي. پاڪستان هن وقت شديد آلودگي جو شڪار آهي ۽ ان جا ڪيترائي وڏا شهر ايئر ڪوالٽي انڊيڪس جي حساب سان خطرناڪ درجن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. تازه ترين انگن اکرن موجب هوائي آلودگي جي ڪري پاڪستان ۾ انساني سراسري عمر ۾ 2.7 سال جي گهٽتائي ٿي آهي. انهي ڏس ۾ ماحولياتي تبد??لي واري وزارت نيشنل ڪلين ايئر پاليسي جوڙي. نيشنل ڪلين ايئر پاليسي جي ل??ڳو ٿيڻ سان فضائي آلودگي ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ سراسري انساني عمر ۾ ٻن سالن جو اضافو ٿي سگهي ٿو. وفاقي ڪابينا کي پاور ڊويزن پاران توانائي بچت جي حو??لي سان حڪمت عملي تي تفص??لي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاور، پيٽروليم واري وزارت، صنعت ۽ واپار واري وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت ڪابينا پاران مقرر ڪيل هدفن تي ترجيحي بنيادن تي عملدرآمد يقيني بڻائي رهيون آهن. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي نيشنل نيب ترميمي آرڊيننس 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي احتساب بيورو آرڊيننس 1999ع ۾ ڪيل تازين ترميمن سان ڪج??ه قانوني ڏکيائيون پيدا ٿي ويون هيون جهڙوڪ ڪيترائي اهڙا ڪيسز جيڪي نيب آرڊيننس جي دائري ۾ نه ايندا هئا، جي ٻين عدالتن، ٽربيونلز ۽ فورمز تي منتقلي ۾ ڏکيائيون درپيش هيون، سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ نيب آرڊيننس XVIII ۾ اهي ترميمون ڪيون ويون آهن جن کانپوءِ احتساب عدالت کي انهن ڪيسز جي منتقلي ۾ قانوني جواز حاصل ٿي ويندو، انهن ترميمن سان اهو تاثر به ختم ٿي ويندو ته اهڙا ڪيسز جيڪي نيب آرڊيننس جي دائري ۾ نه ٿا اچن، اهي ڊي ڪريمينلائيز ٿي وڃن ٿا. وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2023ع جي باضابطا منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پاڪستاني حاجين جي سفر ۽ حج دوران هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ اعليٰ عملدار سعودي عرب عملدارن جي تعاون سان موثر ۽ ٺوس حڪمت عملي جلد کان جلد مڪمل ڪن. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي پهرين مارچ 2023ع ۽ 6 مارچ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 6 مارچ 2023ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي.