اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، ??ليڪشن ڪميشن معاشي، ??ياسي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪيو، آئين جي آرٽيڪل 218 تحت اليڪشن ڪميشن کي يقيني بڻائڻو آهي ته شفاف، غيرجانبداراڻي ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿين، آرٽيڪل 224 جي گهرج آهي ته چونڊن جي وقت وفاق ۽ صوبائي اڪائين ۾ نگران حڪومتون قائم هجن. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ڪميشن سمورين ڌرين سان مشاورت کا??پو??ِ اهو فيصلو ڪيو، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي ضمانت ملندي، ??دشا هئا ته هڪ ماڻهو جي اناءَ جي ڪري ٻن صوبن تي زبردستي چونڊون مڙهيون پيون وڃن. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي چونڊ ٿيندي ته ٻن صوبن ۾ حڪومتون قائم ٿينديون. 30 اپريل تي ٻن صوبن ۾ چونڊون ٿيون ته سدائين جي لاءِ تڪراري ٿي وڃن ها. چونڊون 30 اپريل تي ٿين ??ا ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڇهه مهينا اڳ اسيمبليون ختم ٿي وڃن ها. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي سان ملڪ کي وڏي آئيني بحران کان بچائي ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو. هن چيو ته ملڪ ۾ آدمشماري جو عمل جاري آهي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ آدمشماري کان اڳ ۽ ٻين ۾ آدمشماري کا??پو??ِ چونڊون ٿين، اهو نه ٿو ٿي سگهي. هڪ شخص جي مرضي تي آئين ??ه ٿو هلي سگهي، هو جڏهن چاهي آئين ??وڙي ڇڏي، ??ڏهن چاهي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، ??هو نه هلندو، جڏهن چاهي پوليس وارن جا مٿا ڦاڙي ڇڏي، ??ڏهن چاهي اليڪشن ڪميشن تي حملو ڪري، ??دالت تي حملي آور ٿئي ، جڏهن چاهي چونڊون ٿين ۽ جيڪي چاهي فيصلا اچن، اهو نه هلندو.