اسلام آباد / ڪراچي – 19 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز??ار??ي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي 9 مئي جي واقعن جي خلاف مذمتي قرارداد منظور ڪندي واقعن جي ذميوارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏنڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پيپلز??ار??ي جي صدر آصف علي ??رداري ۽ پيپلز??ار??ي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ بلاول هائوس ڪراچي ۾ پاڪستان پيپلز??ار??ي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو هائبرڊ اجلاس منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ 9 مئي جي واقعن تي مذمتي قرارداد منظور ڪئي وئي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پيپلز??ار??ي 9 مئي تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پيش ايندڙ واقعن جي پرزور ۽ ڀرپور مذمت ڪري ٿي، قرارداد ۾ سرگوڌا ۾ شهيدن جي يادگار کي نقصان پهچائڻ، جناح هائوس کي باهه لڳائڻ، دير ۾ ايف سي قلعي ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ، مردان ۾ ڪرنل شير خان جي مجسمي کي ٽوڙڻ، سوات موٽروي ٽول پلازه کي ساڙڻ، راولپنڊي جي ميٽرو اسٽيشن ۽ پشاور جي ريڊيو اسٽيشن کي باهه ڏيڻ، پشاور ۾ چاغي ماڊل ۽ ايڌي ايمبولينس کي تباهه ڪرڻ، ڪراچي ۾ مسافر بسن کي باهه لڳائڻ جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ نجي، سرڪاري ۽ فوجي ملڪيتن ۽ حساس ٺڪاڻن تي حملن کي پاڪستان رياست جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي برابر قرار ڏنو ويو آهي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پيپلز??ار??ي کي ڏهاڪن تائين سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو جڏهن ته پيپلز??ار??ي پنهنجي ليڊرشپ جي هدايتن جي پيروي ڪندي ڪڏهن به تشدد جو ??ست?? اختيار نه ڪيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو، مير شاهنواز ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي رت سان ونهجاريو ويو ويو پر پاڪستان پيپلز??ار??ي ان سڀ جي باوجود پاڪستان کپي جو نعرو هنيو جيڪو سمو??ين ??ار??ين جي سياسي ڪارڪنن جي لاءِ هڪ روشن مثال آهي، قرارداد ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جي دور ۾ وڏي عمر ۾ اڳوڻي صدر آصف علي ??رداري جي قيد جڏهن ته پيپلز??ار??ي عورت شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر جي اڌ رات جو اسپتال مان جيل منتقلي ??و ذڪر ڪندي چيو ويو ته ڪڏهن به سياسي ڏاڍ جي نتيجي ۾ پاڪستان پيپلز??ار??ي ملڪ ۽ ملڪي ادارن جي خلاف ڪڏهن جٿابندي ناهي ڪئي، قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته 9 مئي جي واقعن جي ذميوارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.