اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي ترڪيه جي صدر رج?? طيب اردوان کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته صدر جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪ – ترڪيه لاڳاپن کي فروغ ملندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ چيو ته پنهنجي ويجهي دوست ۽ ڀاءُ صدر رج?? طيب اردوان کي ترڪيه جي صدارتي چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صدر چيو ته رجب اردوان جي فتح عوام جي ان تي ڪيل اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي، ترڪيه اسان جو تمام ويجهو دوست آهي جنهن سان اسان جا صدين کان ڀائراڻا لاڳاپا آهن. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه م??ڪل وقتن جا پراڻا ساٿي آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. صدر چيو ته مون کي يقين آهي ته رج?? طيب اردوان جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪ – ترڪيه لاڳاپن کي و??يڪ فروغ ملندو. صد?? اميد ظاهر ڪئي ته اسان صدر رج?? طيب اردوان سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ترڪيه سان ٻطرفي تعاون کي و??يڪ سگهه ڏيڻ جا منتظر آهيون.