اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان مضبوط اقتصاد??، واپاري ۽ سيڙپڪاري جا ل??ڳا??ا قائم ڪري بيلاروس سان اعليٰ سطحي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيلاروس جي پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته هن بيلاروس جي هم منصب سان نتياخيز ۽ تعميري ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي سمورن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پاڪ – بيلاروس ل??ڳا??ن جي لاءِ اسان جي ڊگهي مدي واري هدفن ۾ اقتصادي ل??ڳا??ن جي مضبوط??، واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ، سائنسي تعاون کي فروغ ڏيڻ، دفاعي تعاون کي وڌائڻ ۽ ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي گهرو ڪرڻ ش??مل آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن گڏيل طور تي فائديمند ل??ڳا??ا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي ٻنهي ملڪن جي عوام جي خوشحالي ۽ ڀلائي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ سٺن ل??ڳا??ن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن دوري جو هڪ ا??م نتيجو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙن جي ويزائن جي خاتمي جي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ هو جنهن سان اعليٰ سطح جي دورن کي هٿي ملندي. هن چيو ته اسلام آباد اسٽريٽجڪ ا??سٽيٽيوٽ ۽ بيلاروس انسٽيٽيوٽ جي وچ ۾ معاهدو تعليمي تعاون جو مضبوط بنياد رکندو. پرڏيهي وزير چيو ته هو ڇهين وزارتي اجلاس دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سال 2024ع ۾ ٻئي ملڪ پنهنجي سفارتي ل??ڳا??ن جي قيام جي 30 هين سالگرهه ملهائيندا. پرڏيهي وزير ٻطرفن ل??ڳا??ن جي بنياد کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ گڏيل فائديمند دوستي کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. بيلاروس جي پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ دوري جي دعوت تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن انتهائي تعميري ۽ بي تڪلف انداز ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڌرين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ل??ڳا??ن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. جاگرافيائي ۽ عالمي تبديلين جي باوجود ٻنهي ملڪن جي اها خواهش آهي ته اهي گڏيل طور تي فائديمند ل??ڳا??ا قائم ڪن. هن چيو ته هو پاڪستان ۾ گاڏيون ۽ ٽريڪٽر ٺاهڻ جي فيڪٽري لڳائي وڌيڪ سيڙپڪاري تي غور ڪري رهيا آه??. ب??لاروس جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۽ مسلمان دنيا ۾ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار آهي، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ بيلاروس جي حڪومت جي مستقل پاليسي رهي آهي. هن چيو ته ان خواهش کي ٻنهي ملڪن جي قيادت وڌيڪ وڌايو آهي. هن معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي پنهنجو اميج وڌائڻ تي پاڪستان حڪومت کي پڻ ساراهيو. بيلاروس جي پرڏيهي وزير چيو ته بيلاروس مختلف دٻاءُ جي باوجود پنهنجي خودمختياري ۽ پرڏيهي پاليسي جي آزادي جو دفاع ڪري رهيو آهي ۽ خودمختيار رياستن جي اندروني معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت جو مخالف آهي. هن عالمي فورم تي بيلاروس جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته هن تعاون جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ عالمي مسئلن تي نظرين جي اتحاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو. بيلاروسي پرڏيهي وزير چيو ته ڳالهه ٻولهه دوران واپاري ۽ اقتصادي تعاون تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو.