اسلا?? آباد – 19 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ روسي فيڊريشن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون دور (سڀاڻي) اڱاري ڏينهن اسلا?? آباد ۾ ٿين??و. ??وسي وفد جي قيادت نائب پرڏيهي وزير اينڊري روڊينڪو ڪندو جيڪو 20 ۽ 21 جون تي اسلا?? آباد جو دورو ڪندو. پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ تعاون جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي ??عب?? جي نشاندهي ڪنديون ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ گڏيل احترام، اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻئي ملڪ هن سال سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن.