ابوظهبي – 28 – جولاءِ (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي دو??ي جي موقعي تي ابوظهبي محل پهچي ويو. گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد ال??هيان وزيراعظم جو محل پهچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ مل??قات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد ال??هيان سان سندس ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد ال??هيان جي لاڏاڻي تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي پوري پاڪستاني قوم پاران افسوس جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گڏيل عقيدي ۽ ڀائيچا??ي جي بنياد تي مضبوط لاڳاپا قائم آهن. گڏيل عرب امارات جي صدر مل??قات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوري تي سندس ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ مضبوط سفارتي لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. مل??قات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.