اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وفاقي ڪابينا جي 16 وزيرن حلف کڻي و??تو. ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي نگران وفاقي ڪابينا کان حلف و??تو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ، پنجاب جو نگران وڏو وزير، سياستدان، بيوروڪريٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ نم??يا?? شخصيتون پڻ موجود هيون. تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ قومي تراني سان ٿي. حلف کڻندڙن ۾ ڊاڪٽر شمشاد اختر، سرفراز بگٽي، جليل عباس جيلاني، مرتضيٰ سولنگي، جمال شاهه، ڊاڪٽر عمر سيف، انيق ??حمد، ڊاڪٽر نديم جان، ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سميع سعيد، گوهر اعجاز، احمد عرفان اسلم، شاهد اشرف تارڙ، خليل جارج، مدد علي سنڌي ۽ محمد علي شامل آهن.