اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ جي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست رد ڪندي انشورنس ڪمپني کي منافعي سميت 20 لک رپيا شهري کي واپس ڪرڻ جي هدايت ??ري ڇڏي، انصاف جي گهرج آهي ته ڪمپني اصل رقم منافعي سان گڏ واپس ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وحيد ??حمد (شڪايت ڪندڙ) 2015ع ۾ البرڪه بئنڪ جي ذريعي تڪافل پ??ان خريد ڪيو، بئنڪ نمائندي تاثر ڏنو ته 20 لک هڪ ئي وقت ادائيگي ڪرڻي پوندي، 5 سالن کانپوءِ رقم منافعي سان گڏ واپس ملي ويندي، صارف کي 11 سالن جي لاءِ 5 لک رپين جي سالياني پريميئم سان گڏ چار پاليسيون جاري ڪيون ويون، شڪايت ڪندڙ هر سال پريميئم جي وڏي رقم ادا ڪرڻ کان قاصر هو، ڪمپني کي درخواست ڪئي ته پاليسي رد ??ري ڇڏي. صارف 20 لک رپين جي رقم واپس ڪرڻ جو چيو پر رقم واپس نه ڪئي وئي. شڪايت ڪندڙ وفاقي انشورنس محتسب س??ن رجوع ڪيو جنهن صارف جي حق ۾ حڪم جاري ??ري ڇڏيو. بعد ۾ محتسب جي فيصلي جي خلاف ڪمپني صدر کي اپيل داخل ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپني پاليسي هولڊر کي 20 لک رپيا 6 سالن جي منافعي سان گڏ واپس ڪري، صارف کي رڳو هڪ پاليسي بدران وڏي سالياني پريئيم تي ڪيتريون ئي انشورنس پاليسيون جاري ڪيون ويون. هن چيو ته تڪافل پ??ان 2015ع ۾ صارف کي غلط طرز تي وڪرو ڪيو ويو، ڪمپني اي??ري عرصي ۾ رقم ڪاروبار ۾ لڳائي مناسب منافعو ڪمايو هوندو، بئنڪ نمائندي تڪافل پ??ان بابت صارف کي غلط معلومات ڏئي راغب ڪيو. شڪايت ڪندڙ کي غلط معلومات ڏني وئي ته تڪافل پ??ان 5 سالن جي لاءِ آهي، صارف 11 سالن جي لاءِ چار انشورنس پاليسين جي ڪڏهن به چونڊ نه ڪئي. صدر چيو ته انشورنس ڪمپني 20 لک رپيا ورتا، سيڙپڪاري ڪئي، منافعو ڪمايو، ڪو شخص غيرمن??فا??ي طور تي ٻين جي وسيلن تي پاڻ کي امير نه ٿو ??ري سگهي، شڪايت ڪندڙ کي منافعي ۾ ان جي حصي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي، ڪمپني منافعو ڪمايو پر غيرمن??فا??ي طور تي صارف کي ادائيگي کان انڪار ڪيو. صدر پاڪ قطر فيملي تڪافل لميٽيد ??ي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست رد ڪندي قرار ڏنو ته ڪمپني رقم تي وڌيڪ شرح سان چارجز ڪٽڻ جو ڪو ٺوس سبب نه ڏنو. صدر حڪم ڏنو ته ڪمپني 30 ڏينهن ۾ شڪايت ڪندڙ کي منافعي سان گڏ 20 لک رپيا واپس ڪري.