گلگت – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت ۾ د?? جي مرض جي اسپتال ۾ او پي ڊي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. نگران وزيراعظم د?? جي مرض جي اسپتال جو دورو ڪيو ۽ تختي جي نقاب ڪشائي ڪري او پي ڊي جو افتتاح ڪيو. 50 بسترن تي ٻڌل اسپتال ۾ ايمرجنسي، ??ئي سي او، سي سي يو، ٻارن جي وارڊ ۽ سرجري سميت د?? جي مرض جي علاج جون سموريون سهولتون موجود آهن. گلگت بلتستان ۾ د?? جي مرض جي هي پهرين اسپتال آهي. نگران گهرو وفاقي وزير سرفراز بگٽي، اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، گلگت بلتستان جو وڏو وزير گلبر خان ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پ?? ان موقعي تي موجود هئا. نگران وزيراعظم کي اسپتال ۾ علاج جي لاءِ فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته جون 2024ع کان اسپتال مڪمل طور تي فعال ٿي ويندي.