نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيرا??ظم نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي نگران وزيرا??ظم خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيرا??ظم زور ڏيئي چيو ته مند – بارڊر سرحدي مارڪيٽ جي تازي افتتاح سميت ٻيا قدم نه رڳو سرحدي علائقن جي معاشي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندا پر ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي بهتري جي لا??ِ ڪم ڪرڻ جي گڏيل عزم جي واضح اظهار طور تي ڪم ڪندا. ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي ”پاڙيسري سڀ کان ??هر??ن“ جي پاليسي علائقائي ترقي ۽ رابطن جي لا??ِ پاڪستان جي ويزن سان پوري طرح هم آهنگ آهي. نگران وزيرا??ظم ٻنهي ملڪن جي لا??ِ پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻندي علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪ ايران لاڳاپن ۾ اعليٰ سطح جي باقاعده مٽاسٽا، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙائي ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ مضبوط تعاون شامل آهي.