اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ??رد?? جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا، سياسي مشاورت ۽ گڏيل وزارتي ڪميشنن جي باقاعده انعقاد ج?? ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ سان ڳنڍيل آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ??رد?? ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ميجر جنرل (ر) محمد اجمل اقبال سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ??رد?? ۾ پاڪستان جو سفير واپار، معيشت، ثقافت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته پاڪستان ??رد?? سان پنهنجي ويجهي، دوستاڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ ??رد?? جا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ سان ڳنڍيل آهن، پاڪستان ??رد?? سان واپاري، اقتصادي، سياس?? ۽ ??قافتي لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ??رد?? جي وچ ۾ موجوده لاڳاپن جي سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ ??رد?? هڪ ٻئي جي لاءِ گرمجوشي رکن ٿا ۽ گڏيل خيال رکندڙ آهن. صدر سماجي، سياس?? ۽ ??قتصادي لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي مٽاسٽا ج?? ضرورت تي زور ڏنو. هن اسلامي دنيا خاص طور تي فلسطين ۽ اسلامو فوبيا بابت مختلف معاملن تي پاڪستان ۽ ??رد?? جي وچ ۾ نظرين جي هڪجهڙائي کي ساراهيو. صدر مختلف مسئلن تي ٻين مسلمان ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ ج?? ضرورت تي پڻ زور ڏنو.