اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان لانگ رينج فيلڊ ٽارگيٽ رائ??فل ٽيم جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صدر پاڪستاني رائ??فل ٽيم کي ??رط??نيا ۾ ٿيندڙ يورپي لانگ رينج رائ??فل چيمپئن شپ 2023ع کٽڻ تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليفٽيننٽ جنرل احسن گلريز ۽ ڪرنل جنيد وقاص کي چاندي جو تمغو جڏهن ته ڪرنل جنيد علي کي ٽامي جو تمغو کٽڻ تي خصوصي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڪ فوج جي ٽيم عالمي سطح تي رائ??فل شوٽنگ جي مقابلي ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، پاڪستاني رائ??فل ٽيم يورپين چيمپيئن شپ کٽڻ تي ساراهه جي لائق آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ مختلف راندين کي فروغ ڏيڻ ۽ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. هن پاڪستاني رائ??فل ٽيم جي لاءِ مستقبل ۾ پڻ ڪاميابي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.