باڪو – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عب??س جيلاني ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان آذربائيجان جي شهر شوشا ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 27 هين اجل??س جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آ??يس موجب ملاقات دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. هنن اسٽريٽجڪ حصيداري جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سمورن بنيادي مسئلن تي ثابت قدم حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزيرن واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، ثقافت، زراعت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.