اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز سڄي دنيا ج?? مسئلو آهي، سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن، صحافين کي تربيت جي ??را??مي لاءِ بر??انيا جي جديد ميڊيا نصاب مان مدد ورتي ويندي، بر??انيا سان ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن بر??انوي هاءِ ڪميشن جي پوليٽيڪل قونصلر مس زوئي ويئر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ پاڪ بر??انيا لاڳاپن، نفرت انگيز بيانن، مس انفارميشن، ڊس انفارميشن جي خاتمي، ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ ۽ يو اين ڊي پي جي سيف ڊيجيٽل انوائرنمينٽ پروگرام تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعا?? واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان بر??انيا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، بر??انيا سان ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته يو اين ڊي پي جي سيف ڊيجيٽل انوائرنمينٽ پروگرام سان غلط معلومات ۽ نفرت انگيز بيانن کي سڃاڻڻ ۾ مدد ملندي. اهو پروجيڪٽ آن لائين اسپيس تي غلط ۽ نفرت انگيز بيانن جي نشاندهي ڪندڙ اهم سرڪاري ادارن ۽ اهلڪارن جي علم، صلاحيت ۽ هنر کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو. نگران وفاقي وزير چيو ته مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز سڄي دنيا ج?? مسئلو آهي، جنهن تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن. هن چيو ته صحافين کي تربيت جي ??را??مي لاءِ بر??انيا جي جديد ميڊيا نصاب مان مدد ورتي ويندي. ان ڏس ۾ انفارميشن سروس اڪيڊمي اهم ڪردار ادا ڪندي. انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ نفرت انگيز بيانن ۽ غلط معلومات جي حوالي سان آگاهي سيشنز پڻ منعقد ڪيا ويندا. ملاقات ۾ فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جي ثقافت ۽ مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اطلاعا?? واري وزير بر??انوي پوليٽيڪل قونصلر کي ملڪ ۾ چونڊن جي حوالي سان سرگرمين بابت آگاهه ڪندي چيو ته چونڊون وقت تي ٿينديون، چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي. بر??انوي پوليٽيڪل قونصلر پاڪستان ۽ بر??انيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.