اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ هڪ اتفاق راءِ وارو ٺهراءُ منظور ??ري ورتو آهي جنهن ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي ??ذمت ڪندي ان عزم کي ورجايو ويو آهي ته ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ڪامل علي آغا 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي غاصباڻي قبضي جي ??ناسبت سان ڪاري ڏينهن جي ??وقعي تي قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته هي ايوان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ بي رحماڻي ڀارتي دهشتگردي، ڀارتي فورسز جي ??ٿان ۽ بيگناهه ڪشميرين جي ??تل عام ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي شديد مذمت ??ري ٿو. قرارداد ۾ اهو پڻ چيو ويو ته هي ايوان انساني حقن واري ڪميشن کان مطالبو ??ري ٿو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي جائزي لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙيو وڃي. والاريل وادي ۾ ڀارت طرفان جعلي چونڊن، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن جي خلاف ورزي آهي. هي ايوان مطالبو ??ري ٿو ته ڪشميرين کي سندن امنگن ۽ گڏيل قومن جي ??راردادن موجب آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان راءِ جو حق ڏنو وڃي. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ??ري ٿو. ان کانپوءِ سينيٽ اتفاق راءِ سان ٺهراءُ جي ??نظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته ان ٺهراءُ جي ڪاپي ??ڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين ملڪن جي ??ارليامينٽن ڏانهن موڪلي وڃي.