اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته روس خطي ۽ عالمي سطح تي اهم ملڪ ۽ پاڪستان جو اهم حصيدار آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن ۽ توانائي تعاون کي فروغ ڏيڻ سان اسان جي عوام سان گڏوگڏ خطي کي پڻ فائدو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ روس جي سفير ڊانيلا گاينچ الوداعي ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ روسي سفير جي اڻٿڪ تعاون کي ساراهيو. هن روسي سفير کي سندس ايندڙ ذميواري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظها?? ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو ??دائين پاڪستان جو دوست رهندو. ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي نگران وزيراعظم ان ڳ??له?? تي زور ڏنو ته روس، خطي ۽ عالمي سطح تي هڪ اهم ملڪ ۽ پاڪستان جو هڪ اهم حصيدار آهي. نگران وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن جي مسلسل فروغ تي اطمينان جو اظها?? ڪيو ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏ??ڻ جي ضرورت جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن ۽ توانائي تعاون کي فروغ ڏ??ڻ جا اهم شعبا آهن جنهن سان اسان جي ماڻهن سان گڏوگڏ خطي کي به فائدو ٿيندو. نگران وزيراعظم عالمي فورمز تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي پڻ ساراهيو.