اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري ??کندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 6 نومبر تي پاڪستاني عوام ۽ سڄي دنيا جي ڪشميرين ڄمون ۾ نومبر 1947ع ۾ ٿيندڙ قتل عام جي متاثرين کي ??اد ڪيو. 76 سال اڳ هري ??نگهه جي ڊوگره فوج جنهن کي ??ندو انتهاپسند راشٽريا سويم سيونگ سنگهه (آر ايس ايس) جي حمايت حاصل ڪئي. منصوبابندي ۽ منظم طريقي سان اٽڪل 2 لک 37 هزار مسلمانن کي ??تل ڪيو ويو. ترجمان ان قتل عام جي متاثرين کي ??اد ڪندي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ?? چيو ته انهن گڏيل فوتگين جي مارجڻ جي احتساب جو مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته عالمي برادري کي اهڙي قسم جي ڏوهن جي ٻيهر اجازت نه ڏيڻ جو وچن ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت کي ??نهنجي عالمي ذميوارين کي ??ورو ڪندي ڪشميري ??وام جي حقن ۽ آزادي جو احترام ڪرڻ گهرجي، جن کي خودمختياري ??و مڃيل حق حاصل آهي.