ڪويت – 29 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ڪو??ت سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، آءِ ٽي، معدنيات، سيرپڪاري سميت مضبوط اقتصادي رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ولي عهد شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ن??ران وزيراعظم ڪو??ت سان پاڪستان جي لاڳاپن جي اهميت جو ورجاءُ ڪندي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪي??. نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي فورزم تي ويجهي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪي??. هن صحت، سيڪيورٽي، انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي ڀرتي تي ڪويت جي قدمن کي ساراهيو. ڪويت جي ولي عهد پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪي??. نگران وزيراعظم ڪويت جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي جنهن جو بنيادي مقصد ڇهن ڏهاڪن کان ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي اقتصادي لاڳاپن ۾ بدلائڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪي??ن پيون وڃن.