اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ ۾ پوليو ڪيسز تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته اهو اسان جي لاءِ فڪر جو لمحو آه?? ته پوري دنيا مان پوليو جو خاتمو ٿي چڪو آهي پر پاڪستان ۽ افغانستان ۾ اهو وائرس اڃا به موجود آهي، پوليو جي خاتمي جي حوالي سان ايندڙ سال جو هنگامي پلان تيار ڪي?? وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پوليو جي خاتمي بابت ٽاسڪ فورس جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه، نيشنل ٽاسڪ فورس جي اعليٰ عملدارن، چيف سيڪريٽريز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم تازو رپورٽ ٿيندڙ پوليو ڪيسز تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهو اسان جي لاءِ فڪر جو لمحو آه?? ته پوري دنيا مان پوليو جو خاتمو ٿي چڪو آهي پر پاڪستان ۽ افغانستان ۾ اهو وائرس اڃا به موجود آهي. نگران وزيراعظم پوليو جي خاتمي جي لاءِ ايندڙ سال جو ايمرجنسي پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته پوليو وائرس جي حوالي سان ها??ي رسڪ يونين ڪائونسلن ۾ هنگامي بنيادن تي ٺوس پروگرام شروع ڪي?? وڃي. هن هدايت ڪئ?? ته انهن علائقن ۾ انجيڪٽ ايبل پوليو وائرس کي معمول جي اميونائيزيشن پروگرام سان ڳنڍي?? وڃي. نگران وزيراعظم پوليو ويڪسي نيشن جي حوالي سان مانيٽرنگ جو نظام وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ ان سلسلي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ عالمي برادري ۽ ڊيولپمينٽ پارٽنرز جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته ڪوپ – 28 دوران بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ملاقات ۾ پوليو جي خاتمي ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي. هن نيشنل هيلٿ ريگيوليشن واري وزارت کي خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي جيڪا آءِ پي وي جي حوالي سان ورلڊ بيسٽ پريڪٽسز ۽ تحقيق جي روشني ۾ حڪمت عملي تيار ڪندي. هن هدايت ڪئ?? ته معمول جي اميونائيزيشن کي فعال ڪي?? وڃي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته عالمن، استادن، والدين سميت سمورين ڌرين کي پوليو جي خاتمي جي آگاهي مهم ۾ شامل ڪي?? وڃي. هن چيو ته پوليو ويڪسين ٻار جي صحت، واڌويجهه ۽ مستقبل جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته ملڪ جي ٻارن جي محفوظ ۽ صحتمند مستقبل جي لاءِ معاشري جي هر ماڻهو کي پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن هدايت ڪئ?? ته پوليو جي خاتمي ۾ عالمن جي اهم ڪردار تي علماءِ ڪنوينشن منعقد ڪي?? وڃي. نگران وزيراعظم پوليو جي خات??ي واري مهم دوران پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي وڌيڪ بهتر ۽ فول پروف بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊيره اسماعيل خان جي ها??ي رسڪ زون ۾ خصوصي پوليو هيلٿ ڪئمپس قائم ڪيون ويون آهن، بنون، لڪي مروت ۽ ٽانڪ جي علائقن ۾ پوليو هيلٿ ڪئمپس قائم ڪيون پيون وڃن. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پوليو جي خاتمي جي تازي مهمن ۾ هيستائين 44 ملين ٻارن جي ويڪسينيشن ڪئي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب، بلوچستان بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير پوليو فري آهن جڏهن ته ڏکڻ خيبرپختونخواهه جون ڪجهه يونين ڪائونسلز پوليو کان وڌيڪ متاثر آهن، ان کانسواءِ غيرقانوني طور تي رهندڙ افغانين جي واپسي جي عمل ۾ پشاور نوشهره ۽ چمن جي ريپيٽري ايشن مرڪزن ۾ پوليو ٽيمُون خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن.