لاهور – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد ??وسف چيو آهي ته ڀارت جي توسيع پسنداڻي ارادن سان خطي کي خطرا آهن، عالمي امن جي لاءِ پاڪستان جون قربانيون ڪنهن کان لڪيل نه آهن، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت انسانن سان جانورن وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي اسان کي خبر آهي ته ڪشمير ۾ ڪهڙيون حال??ون آهن، پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي ??هي، اقتصادي لنگهه خطي جي ترقي جو منصوبو آهي. هو لاهور پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس ۾ ڳالهائي رهيو هو.