لاهور – 07 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٺوس حڪمت عملي جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهي آهي جڏهن ته رانديون، سياحت، امن ۽ خوشحالي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پولو اينڊ ڪنٽري ڪلب ۾ ماسٽر پينٽس جناح گولڊ ??پ 2021ع جي فائنل مئچ جي ??قر??ب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ٽورنامينٽ ڊائمنڊ پينٽس جي ٽيم کٽي ورتو. ??قر??ب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪ??مت جي ٺوس حڪمت عملي جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهي آهي. هن چيو ته رانديون، سياحت، امن ۽ خوشحالي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪرڪيٽ ۽ هاڪي وانگر پولو جي فروغ ??ي لاءِ پڻ قدم کڻڻا پوندا.