اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين مولانا فضل الرحمان جي بيان ”اسان 24 ڪلاڪ به جنگ وڙهڻ جي قابل نه آهيون“ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته بزرگ مولان?? صاحب نوجوان بلاول ڀٽو پاران ”عزت افزائي“ جو صدمو برداشت نه ٿ?? ڪري س??هي ان لاءِ هاڻي انهن معاملن تي ڳالهائي رهيو آهي جن جي کيس خبر ئي نه آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته مولانا فضل الرحمان غيرذميواراڻي بيانن کان پاس?? ڪري، مولانا کي پاڪستان جي صلاحيتن تي ان وقت به شڪ هو جڏهن هو چوندو هو ته طالبان جبلن تي پهچي چڪا آهن.