اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته گذريل حڪومتن پاران ورتل قرضن جي مد ۾ اسان سالي??نو 2 هزار ارب روپيا واپس ڪري رهيا آهيون، ماضي جي حڪومتن جي ڪري ملڪي آمدني گهٽ ۽ خرچ وڌيڪ آهن، مخالف ڌر سمنڊ پا?? پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ نٿي چاهي، 2023ع ۾ 1500 ارب روپيا بجلي گهرن جي مد ۾ ڏيڻا پوندا، بجلي جا پ??ان?? لڳائيندي ماحولياتي تبديلي جي منفي اثرن کي نظرانداز ڪيو ويو، سنڌ ۾ 13 سال اقتدار ۾ رهندڙ پيپلزپارٽي صوبي کي برباد ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي ۾ بجي?? اجلاس جي دوران خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو.