اسلام آباد – پهرين آ??سٽ (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حلي?? عادل شيخ تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت مسلسل حلي?? عادل شيخ کي نشانو بڻائي رهي آهي، پيپلزپارٽي ان کان ڊنل آهي ته هو سدائين انهن جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪندو رهندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سنڌ پوليس ۽ انتظاميا کي گهرجي ته اهي فوري طور تي ان معاملي جو نوٽيس وٺن، ذميوارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ذميوارن کي ڍر ڏيڻ جو مطلب واضح آهي ته اهي توهان جا تربيت يافته ما??هو آهن.