اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ واپار جي شعبن ۾ تعاو?? وڌائڻ جا وسيع امڪان آهن، ٻنهي ملڪن کي گڏيل فائدي لاءِ ڪاروب??ري ۽ اقتصادي تعاو?? وڌائڻ جي ضرورت آهي، پولينڊ جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسي ۽ بهتر سيڪيورٽي ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. هو پاڪستان ۾ پولينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير پيوتراوپالنسڪي سان ڳالهائي رهيو جنهن هتي ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ واپار جي شعبن ۾ تعاو?? وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، ٻنهيم لڪن کي گڏيل فائدي لاءِ ڪاروبار ۽ اقتصادي تعاو?? وڌائڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري جا زبردست موقعا موجود آهن، پولينڊ جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسي ۽ بهتر سيڪيورٽي ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي تعاون مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻئي ملڪ قومي ورثي جي تحفظ، بحالي جي گڏيل منصوبن، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن جي ذريعي لاڳاپا وڌائي سگهن ٿا. صدر چيو ته پولينڊ جي اعليٰ ت??ليمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگرد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر پولش آئل اينڊ گئس ڪمپني جي پاڪستان ۾ ڪاورب??ري سرگرميو?? وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپ??ري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي پولينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي پولينڊ جي سفير حڪومت پاڪستان جي پاليسين کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان حيرت انگيز طور تي ترقي ڪري رهيو آهي، نوجوانن کي پاڪستان ۾ اڀرندڙ معاشي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي.