اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته ڊگه??ن عمارتن جي شڪل ۾ رهائش حڪومت جي ترجيح آهي، اهڙي طرح اسان تيزي سان وڌندڙ آبادي جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪري سگهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊيولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، و??ير??عظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. و??ير??عظم کي لاهور ۾ جاري ڪيڊاسٽريل ميپنگ مشق تي ??ريفنگ ڏني وئي. کيس ٻڌايو ويو ته منصوبو ٽريڪ تي ??هي ۽ 15 نومبر 2021ع تائين مڪمل ٿي ويندو. و??ير??عظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي لاهور جي زمين رڪارڊ کي جلد کان جلد ڊيجيٽل ڪرڻ کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن زمين تي قبضا مافيا ۽ قبضن جي خلاف هڪ عام ماڻهو کي ريليف ملي سگهي. و??ير??عظم کي هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت تحت مختلف هائوسنگ منصوبن جي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. و??ير??عظم کي ٻڌايو ويو ته هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت 86323 هائوسنگ يونٽس تعمير ڪري رهي آهي جن جي مجموعي لاڳت 463 ارب رپيا آهي، ان جي مختلف منصوبن تحت ملڪ ۾ تعميراتي ??رگرمين ۾ تيزي سان 200000 کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، 2314 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جون معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون. و??ير??عظم عمران خان ڳالهه کي ورجايو ته ڊگه??ن عمارتن جي شڪل ۾ عمودي رهائش حڪومت جي ترجيح آهي، اها نه رڳو تيزي سان وڌندڙ آبادي جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪندي پر ??يجيٽلائيزڊ ڪيڊاسٽريل ميپنگ موجب شهرن جي زمين جي موثر استعمال کي پڻ يقيني بڻائيندي.