اسلام آباد – 19 ??يپ??مبر (اي پي پي) پاڪ افغان سهڪار فورم (پي اي سي ايف) انساني بنيادن تي امداد جي طور تي حڪومت پاڪستان طرفان 300 ٽ?? کادي پيتي جي شين سان ڀريل 17 ٽرڪ افغانستان روانو ڪري ڇڏيا. پاڪ افغان سهڪار فورم (پي اي سي سي ايف) جي چيئرمين حبيب الله خان خٽڪ پاڪ افغان بارڊر طورخم تي پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته افغان اسا?? جو مسلمان ڀاءُ ۽ پاريسي آهي هن چيو ته 40 سال ڊگهي جنگ افغانستان جي معيشت، زراعت ۽ انتظامي بنيادي ڌانچي کي تباه ڪري ڇڏيو آهي ۽ عالمي امدادي ادارن جي اوچتو واپسي پوري آبادي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي گذريل سال ڏوڪاڙ سبب پريشانين ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سبب انساني بحرا?? جو سامهون آهي پر ان تي فوري ۽ موثر طريقي سان ڌيان نه ڏنو ته اهو انساني تباهي جو سبب بڻجندو. حبيب الله خٽڪ وڌيڪ چيو ته پاڪ افغان سهڪار فورم هڪ ٽرسٽ آهي جيڪا ضرورت جي ان گهري ۾ افغان شهرين جي مدد لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. اسا?? جو مقصد نه صرف افغانستان جي ماڻهن کي خوراڪ، دوائن ۽ کادي جي شين جي صورت ۾ فوري انساني امداد فراهم ڪرڻ آهي.