اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??ور??نا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ ??وتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??ور??نا وائرس سبب 58 فوتگيون ٿيون جنهن مان 20 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 2 هزار 357 ماڻهن جا ??ور??نا ??يس?? مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 43 سيڪڙو، لاهور ۾ 54 سيڪڙو، ملتان 86 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 73 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ??ور??نا جي مثبت ڪيسن جي سراسري لحاظ کان صوابي ۾ 59 سيڪڙو، فيصل آباد ۾ 51 سيڪڙو، ملتان ۾ 56 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 46 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 48 هزار 151 ??يس?? ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 751، پنجاب ۾ 15 هزار 395، خيبرپختونخواهه ۾ 11 هزار 962، اسلام آباد ۾ 4 هزار 349، بلوچستان ۾ 609، گلگت بلتستان ۾ 415 ??يس?? ڪيا ويا. آزاد ڪشمير ۾ 670 ??يس?? شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 11 لک 43 هزار 605 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 485 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 61 هزار 558 آهي. سڄي ملڪ ۾ ??ور??نا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 12 لک 32 هزار 595 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 33 هزار 923، بلوچستان ۾ 32 هزار 812، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 277، اسلام آباد ۾ هڪ لک 4 هزار 619، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 72 هزار 210، پنجاب ۾ 4 لک 25 هزار 703 ۽ سنڌ ۾ 4 لک 53 هزار 51 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 27 هزار 432 ٿي چڪو آهي، جن مان سنڌ ۾ 7 هزار 310 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 15 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 12 هزار 490 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 17 مريض اسپتالن ۾ ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 463 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 907 فوتگيون ٿيون. بلوچستان ۾ ڪل 345 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 184 فوتگيون ٿيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 734 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ 90 لک 49 هزار 329 ??يس?? ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 640 اسپتالن ۾ 4 هزار 816 مريض علاج هيٺ آهن.