اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي ??اء?? پرعزم آهي، دنيا کي انساني ??حران جي ويجهو پهتل 40 ملين افغان عوام جي مدد ??اء?? اڳتي اچڻو پوندو جڏهن ته بل گيٽس چيو آهي ته پوليو جي خاتمي ??اء?? پاڪس??ان جو عزم مثالي آهي، پوليو جو خاتمو آڻي پاڪس??ان تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکي سگهي ٿو. وزيراعظم عمران خان جي خصوصي دعوت تي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ باني ??ل گيٽس پوليو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ بل گيٽس ۽ وزيراعظم عمران خان جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم پاڪس??ان جي پهرين دوري تي بل گيٽس جي آجيان ڪندي پوليو جي خاتمي ۾ پاڪس??ان حڪومت سان مسلسل تعاون ۽ حصيداري تي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت پوليو جي خاتمي ??اء?? پوري طرح پرعزم آهي. وزيراعظم چيو ته افغانس??ان اسان جي ٻن سرحدي صوبن ۾ پوليو جي واقعن جو بنيادي ذريعو هجڻ جي ناطي صحت جي هنگامي سميت انساني ??حران کان بچڻ جي ??اء?? فوري عالمي تعاون جو گهرجائو آهي جڏهن ته پاڪس??ان 40 ملين افغان عوام جي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۾ ڀرپور مدد ڪري رهيو آهي. وزيراعظم افعانس??ان جي سرحدن سان لاڳاپيل ضلعن خاص طور تي خيبرپختونخواهه جي ڏاکڻي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز کي پوليو وائرس جي ڦه??اء?? جي خلاف چوڪس ۽ فعال رهڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي بل گيٽس پاڪس??ان جي دوري تي گهرائڻ ۽ گرمجوشي سان مهمان نوازي ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پوليو جي روڪٿام ??اء?? اڻٿڪ محنت ڪرڻ تي قيادت، هيلٿ ورڪرز ۽ والدين جي ڪوششن کي ساراهيو. بل گيٽس چيو ته ڪوويڊ 19 جي پابندين جي باوجود پاڪس??ان حيرت انگيز ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ پوليو جا ڦرا پيارڻ جو سلسلو جاري رکيو. پوليو جي خاتمي بابت نيشنل ٽاسڪ فورس سڄي ملڪ ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦرا پيارڻ دوران پنهنجون جانيون ??ربان ڪندڙ 36 فرنٽ لائين ورڪرز ۽ قانون ??اڳو ڪندڙ 14 اهلڪارن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. ان کان اڳ ٽاسڪ فورس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪس??ان ۾ پوليو جي زيرو واقعن جو هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچس??ان جي ڏاکڻي ضلعن ۾ ماحولياتي نمونن ۾ وائرس جو پتو لڳايو ويو آهي. ٽاسڪ فورس کي ٻڌايو ويو ته قومي سطح تي پوليو جا ڦرا پيارڻ جي مهم ڊسمبر 2021ع ۽ جنوري 2022ع ۾ شروع ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻارن جي ??اء?? معمول جي حفاظتي ٽيڪن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي. خطري وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي جي فراهمي جي ??اء?? قانون ??اڳو ڪندڙ ادارن جي تعاون سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ موثر هم آهنگي موجود آهي. صوبائي حڪومتن اجلاس کي پوليو مهم جي ??اء?? مخصوص وسيلن کان آگاهه ڪيو ۽ پاڪس??ان کي پوليو فري بڻائڻ جي ??اء?? مڪمل عزم جو اظهار ڪيو. ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي صلاحڪا?? ڊاڪٽر فيصل سلطان، خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي، گلگت بلتس??ان جي وڏي وزير خالد محمود خان، سنڌ جي صحت واري وزير عذرا فضل پيچوهو، بلوچس??ان جي صحت واري وزير احسان شاهه، عالمي ادارن جي نمائندن ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته سڄي پاڪس??ان مان ڊپٽي ڪمشنرز وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. وزيراعظم بل گيٽس جي مان ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو جنهن ۾ وفاقي وزيرن شوڪت ترين، اسد عمر، چوڌري فواد حسين، مخدوم خسرو بختيار، ڊاڪٽر فيصل سلطان، خيربختونخواهه جي گورنر، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب، گلگت بلتس??ان جي وڏن وزيرن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم شرڪت ڪئي.