اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪستان اچڻ تي سندس مان ۾ وزيراعظم هائوس ۾ پروقار تقريب ٿي. وزيراع??م عمران خان وزيراعظم هائوس اچڻ تي م??زز مهمان جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. ازبڪ صدر جي مان ۾ گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو جڏهن ته ازبڪ صدر گارڊ آف آرنر جو معائنو ڪيو. بعد ۾ وزيراع??م عمران خان م??زز مهمان سان وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو جڏهن ته ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف وزيراعظم سان ساڻس گڏ ايندڙ وفد جو تعارف ڪرايو. ازبڪ صدر وزيراعظم هائوس ۾ هڪ ٻو??و پڻ لڳايو. اڳ ۾ ٻنهي اڳ??اڻن جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿيندي بعد ۾ وفدن جي سطح تي تفصيلي ڳالهه ٻو??هه ٿيندي. ٻئي اڳ??اڻ ٻطرفا علائقائي ۽ عالمي معاملا بحث هيٺ آڻيندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 10 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ متوقع آهن. ازبڪ صدر جو پاڪستان جو ٻ?? ڏينهن جو دورو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان وچ ايشيائي رياستن سان پنهنجي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. شوڪت مرزايوف جو تازو دورو ان سلسلي جي ڪڙيءَ آهي. ان کان اڳ ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف ٻ?? ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو ته وزيراع??م عمران خان ايئرپورت تي م??زز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ازبڪ صدر کي ٻارن گلدستو پيش ڪيو ۽ ان کي توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. ازبڪستان جو صدر پاڪستان جي دوري دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراع??م عمران خان سان ملاقاتون ڪندو. پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا قائم آهن.