??سل??م آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي چيو آهي ته چين ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن جي لاءِ ??سل??مي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ت??ار آهي. هن اها ڳالهه 48 هين او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي چئي. چيني پرڏيهي وزير چيو ته چين ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي بابت مسلمان دنيا جي امنگن ۾ شر??ڪ آهي. هن افغانستان ۾ امن ۽ ڊگهي مدي واري استحڪام جي لاءِ چين جي خواهش کي پڻ ورجايو. چيني پرڏيهي وزير چيو ته سندس ملڪ مسلمان دنيا ۾ 600 منصوبن ۾ 400 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. هن چيو ته چين ??سل??مي دنيا کي ويڪسين جي 300 ملين خوراڪون فراهم ڪندو.