اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ويزن وچ ايشيا جي پ??ليسي تي گامزن ۽ ڪرغزستان سميت سمورين وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ عوامي رابطن جي فروغ جو گهرجائو آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي جي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي جمهوريه ڪرغزستان جي پنهنجي هم منصب ارسلان ڪازاڪ بائيف سان ملاقات دوران چئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪرغزستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هڪ جهڙي عقيدي، تاريخي ۽ ثقافتي قدرن جي بنياد تي قائم آهن. ٻنهي پ??ڏيهي وزيرن گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت گهڻ رخي فورمن تي ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون جو جائزو ورتو. پرڏيهي وزير موجوده لاڳاپن جي نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفي مٽاسٽا، واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ اداراجاتي مڪينزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي لاءِ باقاعدگي سان اجلا?? منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پ??ڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ سڌوسنئون فلائيٽس جاري ڪرڻ جي حوالي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان گوادر پورٽ جي ذريعي ڪرغزستان کي مختصر ترين واپاري رستي جي فراهمي جي لاءِ راضي آهي. پرڏيهي وزير توانائي منصوبو ڪاسا 1000 منصوبي جي جلد پڄاڻي جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ۽ پاڪستان – چين – ڪرغزستان – افغانستنا، چار ڌريي ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ جي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ رابطن کي تيز ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي پ??ڏيهي وزيرن تعليم جي شعبي ۾ تعاون ۽ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ جي لاءِ مختلف رخن سميت ڪرغزستان ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي پ??ڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ گڏيل تعاون جاري رکڻ ۽ گهڻ رخي فورمن تي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ رابطن جو تسلسل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ڪرغزستان جي پ??ڏيهي وزير ارسلان ڪازاڪ بائيف پرڏيهي وزير کي 82 هين پاڪستان قرارداد ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيندي 23 مارچ جي پ??يڊ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو.