اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مسيحي برادري پاڪستان ۾ تعليم، صحت ۽ دفاع سميت سمورن شعبن ۾ غيرمعمولي خدمتون سرانجام ڏنيون ??هن?? مسيحي برادري سميت سمورا غيرمسلمان پاڪستاني اسان جو فخر جوڳو اثاثو ۽ قوت ??هن?? اسان پنهنجي غيرمسلم پاڪستانين جي ترقي، ڀلائي ۽ انهن کي آئيني حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو عزم رکون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ايسٽر جي تهوار جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي مبارڪباد وارو پيغام ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته مسيحي برادري کي ايسٽر جي خوشين جي مبارڪباد ڏيون ٿا ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته حض??ت عيسيٰ عه سان والهاڻي محبت ۽ عقيدت مسيحن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ هڪ تمام وڏو گڏ??ل قدر آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته مسيحي برادري پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي تعمير پاڪستان تائين هر مرحلي تي تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته هن تهوار تي پاڪستان جي ترقي، دنيا ۾ امن ۽ محبت جي فروغ، تڪرارن ۽ نفرتن جي خاتمي جي خصوصي دعا جي اپيل ڪريان ٿو.