اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي 22 اپريل تي پنجگور ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر شاهد بشير جي وا??ده سان تع??يت جو اظه??ر ڪيو ۽ شهيد کي عظيم قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سان ڳالهائيندي شهيد جي وا??ده چيو ته وطن جي خاطر هڪ ٻيو پٽ به شهادت لاءِ موڪلڻ چاهيان ٿي. صدر عارف علوي 22 اپريل تي اتر وزيرستان ۾ سرحد پار حملي جي شهيدن جي پوئينرن سان به تع??يت جو اظه??ر ڪيو. ص??ر حوالدار تيمور، سپاهي ثاقب نواز ۽ نائيڪ محمد شعيب جي وارثن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظه??ر ڪيو. صدر شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر شهيدن جي بلند درجن، وارثن کي پيارن جي جدائي جو ڏک برداشت ڪرڻ جي همت لاءِ به دعا ڪئي.