اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وز??ر حنا رباني کر سان پرڏيهي وزارت ۾ پاڪستان ۾ متحده عرب امارات جي سف??ر حماد عبيد الزابي ملاقات ڪئي.
پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران مملڪتي وز??ر حنا رباني کر متحده عرب امارات سان پاڪستان جي ويجهي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. هن سي??پڪ??ري سميت گڏ??ل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواه?? جو اظهار ڪيو .