اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايراني پرڏيهي وزير ڊاڪٽر امير عبدالهيان جي دعوت تي اڄ اڱاري ڏينهن ايران جو پهريون سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي تر??مان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دوري دوران پنهنجي ايراني هم منصب سان ??ڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو، هو ايران جي صدر سان ملاقات کانسواءِ ملڪ جي ٻين اهم شخصيتن سان به ملاقات ڪندو. پرڏيهي وزير 15 جون تي مشهد جو دورو ڪندو، پاڪستان ۽ ايران وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين دوران ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا جنهن ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپ??، ايران ??ان بجلي جي فراهمي، سرحدي غذائي منڊين، روڊ ۽ ريل رابطي ۽ زائرين جون سهولتون شامل آهن، ٻئي ملڪ ڳالهين ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال جو به جائزو وٺندا جنهن ۾ خاص طور تي افغانستان سميت ڏکڻ ايشيا جي مجموعي صورتحال سان ??ڏوگڏ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ??نو ويندو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ايران جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي جي باقاعدي مٽاسٽا جو حصو آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ آخري ملاقات 26 مئي تي ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس جي موقعي تي ٿي هئي، پاڪستان ۽ ايران ??ڏيل جاگرافيائي، ثقافتي وابستگين ۽ تاريخي رابطن جي بنياد ت?? ويجهي عوامي لاڳاپن ۾ ڳنڍيل آهن، هي ڀائراڻا لاڳاپا سراسري اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ذريعي وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، ٻنهي ملڪن 2022ع ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن.