اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين کي وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي فوري طور تي محفوظ جاين ??ي منتقل ڪيو وڃي ۽ متاثرين کي تنبو، کاڌي پيتي جي شين ۽ صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان ۾ تازين ??رساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شه??از شريف متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين کي وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي فوري طور تي محفوظ جاين ??ي منتقل ڪرڻ جي پڻ ??دايت ڪئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته ٻوڏ متاثرين کي تنبو، کاڌي پيتي جي شين ۽ صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ متاثرين کي فوري طور تي 25 هزار رپيا في خاندان فلڊ ريليف ڪيش پهچائڻ جو انتظام ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين ??ي مدد ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل يا غفلت ڪنهن به صورت ۾ نه آهي. هن هدايت ڪئي ته گڏيل سروي جي مڪمل ٿيڻ ۽ بحالي تائين ٻوڏ متاثرين ??ي فوري مدد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. وزيراعظم ٻوڏ کان متاثر انفراسٽرڪچر کي متاثر جاين ??ائين ??مداد پهچائڻ جي لاءِ بحال ڪرڻ جي پڻ ??دايت ڪئي. وزيراعظم پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي، بلوچستان حڪومت ۽ منصوبابندي واري وزارت کي هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. ٻئي طرف وزيراعظم محمد شه??از شريف سان بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو وزيراعظم کي بلوچستان ۾ تازين ??رساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ کان نقصانن ۽ جاري ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ ??وجود هئا.