اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بينڪ چيو آهي ته پاڪستان کي آفتن جي خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مالياتي وس??لن ۽ استعداد ۾ اضافي جي ض??ور?? آهي. اها ڳالهه ايشيا ترقياتي بينڪ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌا??و ويو آهي ته 2010ع ۽ 2015ع ۾ آيل ٻوڏ ملڪ ۾ آبادي جي لحاظ کان سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ آبادگارن کي 32.6 ارب روپين ??و نقصان پهچايو جڏهن ته متاثر آبادگارن جي مدد لاءِ حڪومت پاڪستان 6.7 ارب روپيه (67 ملين ڊالر) فراهم ڪيا، جيڪي گهربل رقم جو صرف 18.5 سيڪڙو آهي. رپورٽ ۾ قومي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مينيجمنٽ فنڊز جي مالي ۽ فني مهارت ۾ اضافو ۽ ان حوالي سان لاجسٽڪ ۽ دائريڪار ۾ توسيع جي ض??ور?? تي زور ڀر??و ويو آهي. 2010ع جي نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ ايڪٽ تحت نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ فنڊ قائم ڪ??و ويو، هر صوبائي حڪومت جي انتظام هيٺ ڊزاسٽر مينيجمنٽ فنڊز جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي جنهن جو مقصد متاثر آبادي کي رهائش، خوراڪ، پيئڻ جو صاف پاڻي، طبي امداد ۽ ٻين ??رچن کي پورو ڪرڻ آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ مطابق فنڊز کي فعال ڪرڻ، مالياتي طريقيڪار جي بهتر نظام ۽ صوبن ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي طريقيڪار کي معياري بنائڻ اهميت رکي ٿو.