نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اس??مب??ي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن جي مان ۾ گڏيل قومن ??ي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت جي لاءِ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن ??يويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اس??مب??ي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن جي مان ۾ گڏيل قومن ??ي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اس??مب??ي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي بحث مباحثي جي افتتاحي اجلاس ۾ شرريڪ ٿيندو. وزيراعظم فرانس جي صدر ايمنوئل ميڪرون، آسٽريا جي فيڊرل چانسلر ڪارل نيهمر، ا??پين جي صدر پيڊرو سنچيز پيريز – ڪاسٽي جون ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم دي ٽائيمز سينٽر جو دورو ڪندو ۽ نيويارڪ ٽائيمز جي ادارتي بورڊ سان انٽرويو ۾ شريڪ ٿيندو. جڏهن ته وزيراعظم سان آمريڪا جو موسمياتي تبديلي بابت خاص نمائندو جان ڪيري ملاقات ڪندو.