اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اد??رن جي خل??ف عمران خان جي مهم جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي قومي مفادن سان کيڏندڙن کي قانون کي جواب ڏيڻو پوندو، عوام کانپوءِ سازشي هاڻي اد??رن ۾ انتشار پکيڙڻ جي سازش ڪري رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قومي اد??رن جي خل??ف عمران خان جي مهم جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم چي?? ته رن??ي هٿ پڪڙيو ويندڙ چور هاڻي اد??رن کي بدنام ڪري پنهنجي ڏوهه جي سزا کان بچڻ چاهي ٿو. عوام کانپوءِ سازشي هاڻي اد??رن ۾ انتشار پکيڙڻ جي سازش ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چي?? ته سفارتي سائفر ۾ ڦيرڦار ڪري قومي سلامتي سان کيڏيو ويو، قانون کي منهن ته ڏيڻو پوندو. پاڪستان جي قومي مفادن سان کيڏندڙن کي قانون کي جواب ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چي?? ته قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي، مقبول هجڻ جو مطلب قانون کان مٿانهون هجڻ ڪيئن ٿي ويو؟ توهان جي آڊيو ليڪس پاڪستان جي مفادن جي خل??ف سنگين سازش بي نقاب ڪري ڇڏي.