اسلام آباد– 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف لڪي مروت ۾ پوليس وين تي دهشتگردن جي حملي جي ش??يد مذمت ڪئي آهي، جنهن ۾ 6 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قوم ملڪ تي جانيون قربان ڪندڙ فرزندن کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته دهشتگرد پاڪستان ??ا دشمن آهن ۽ سمورا پاڪستاي دهشتگردي جي خلاف شيهي جي ديوار ثابت ٿيندا. پوليس دهشتگردي جي خلاف هر اول دستي جو قابل فخر ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن ??ا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عط?? فرمائي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت شهيدن کي اعزاز ۽ شهداءِ پئڪيج ڏي.