اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غلط ۽ جعلي خبرن جي عمر مختصر هوندي آهي، پنهنجي موقف جي تصديق تي الله جي آڏو ڪنڌ جهڪايان ٿو، ٽن سالن تائين عمران خان منهنجي ڪردارڪشيءَ ڪئي هر حد پار ڪئي، بي بنياد الزامن سان منهنجو ?? منهنجي خاندان جو مذاق اڏايو ويو، فتح سچائي جي ٿيندي آهي. ڊيلي ميل پاران غلط خبر ڇاپڻ تي معذرت تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عمران خان ۽ ان جي حوارين مسلسل ٽي سال منهنجي ڪردارڪشيءَ جي هر حد پار ڪئي، انهن کي ان مهم دوران اه?? خيال به نه آيو ته ان جي ان ڪڌي مهم سان ملڪ جي ساک کي نقصان پهچندو ۽ ان جا دوست ملڪن سان لاڳاپا متاثر ٿي??دا. وزيراعظم چيو ته مون تي ۽ منهنجي خاندان تي بي بنياد الزام هنيا ويا پر مون کي الله تعاليٰ جي ذات تي پورو ڀروسو آهي رڳو اه?? ئي ان جو ڪوڙ بي نقاب ڪري سگهي ٿو. غلط ۽ جعلي خبرن جي عمر مختصر هوندي آهي فتح سدائين سچائي جي ٿيندي آهي ۽ ڊيلي ميل جي خبر اه?? ثابت ڪيو آهي.