اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي وراثت کان محروم رکندڙ غلط روايتي ??لم جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، ان مقصد جي لاءِ سمورن حصيدارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته ڪير اسلامي قانون وراثت جي خلاف ورزي نه ڪري جهڙي نموني قرآن ۽ سنت ۽ اسان جي آئين ۾ لکيل آهي. هن چيو ته ان غلط روايتي ??لم جو خاتمو ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ عورتون وراثت کان محروم رهن، عالم سڳورن، ع??لي?? ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي مون سا?? گڏجي هي جنگ وڙهن. صدر عارف علوي عورتن کي وراثت ۾ حصو ڏيڻ جي حوالي سا?? پنهنجي هڪ فيصلي جا تفصيل به شيئر ڪيا جنهن موجب صدر ه??اس??ينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب پاران 4 ڀينرن کي وراثتي ??ائيداد ۾ حصو ڏيڻ جي حڪمن کي برقرار رکندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته وراثتي ??ائيداد جي وڪري سا?? حاصل ٿيندڙ رقم سمورن ڀينرن ڀائرن ۾ حصي موجب ورڇ ڪئي وڃي. واضح رهي ته چار ڀينرن ه??اس??ينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي ته سندن ڀائرن فوتي والد جي جائيداد ۾ انهن جي وراثتي ??ق ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ درخواست ڪئي هئي ته انهن جو حصو انهن کي ڏياريو وڃي.