اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 30 جنوري تي جنيوا ۾ گڏيل قوم?? جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ پاڪستاني وفد جي ??يا??ت ڪندي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پ??يس بريفنگ دوران ٻڌائي. هن چيو ته مملڪتي وزير انساني حقن واري ڪائونسل ۾ يونيورسل پيرياڊڪ ريويو جي عمل تحت پاڪستا?? جي قومي ترقي جي رپورٽ پيش ڪندي. اهو پاڪستان جو چوٿون جائزو هوندو، ان ??ان اڳ 2008ع، 2012ع ۽ 2017ع ۾ ان عمل تحت پاڪستان جو جائزو ورتو ويو آهي. ترجمان ??يو ته مملڪتي وزير پنهنجي پريزينٽيشن ۾ پاڪستان پاران ??ذريل 5 سالن ۾ انساني حق?? جي تحفظ لاءِ ڪيل قانوني، پاليسي، انتظامي ۽ اداراجاتي قدمن جو خاڪو پيش ڪندي. ان ??انسواءِ هوءَ عالمي انساني حق?? جي حوالي سان پاڪستا?? جي اهم حصيداري کي به اجاگر ڪندي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته يونيورسل پيرياڊڪ ريويو 2007ع ۾ قائم ڪيو ويو جيڪو انساني حقن واري ڪائونسل جو هڪ اهم طريقيڪار آهي جنهن تحت گڏيل قوم?? جي سڀني ميمبر ملڪ?? جي انساني حق?? جي رڪارڊ جو هر چئن کان پنجن سالن کانپوءِ جائزو ورتو وڃي ٿو.