اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي عبوري مئنيجمينت ڪميٽي جي چيئر??ين نجم سيٺي جي ڪوششن کي ساراهيندي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ سخت محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي عبوري مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئر??ين نجم سيٺي ملاقات ڪ??ي. ??جم سيٺي وزيراعظم کي پاڪستان ۾ اداراجاتي (Departmental) ڪرڪيٽ جي بحالي ۽ فيبروري ۾ شروع ٿيندڙ پي ايس ايل ايڊيشن 8 جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ جي لاءِ نجم سيٺي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ کيس ان سلسلي ۾ سخت محنت ۽ ڀ??پُ??ر جذبي سان ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.